خطاطي مسلمانن جو عظيم الشان فني ۽ ثقافتي ورثو آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ18جنوری2018ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته خطاطي مسلمانن جو عظيم الشان فني ۽ ثقافتي ورثو آهي جنهن تي ڌيان ڏئي پاڪستان ۽ اسلامي دنيا پنهنجو اعتدال پسند تشخص پيش ڪري سگهي ٿي. هن اها ڳالهه مسجد نبوي صه جي پاڪستاني خطاط استاد شفيق الزمان سان ڳالهائيندي چئي جنهن خميس ڏينهن ايوان صدر ۾ پنهنجي وفد سان ساڻس ملاقات ڪئي.

صدر چيو ته هي ڳالهه اسان جي لاءِ اعزاز جوڳي آهي ته هڪ پاڪستاني خطاط کي حرم نبوي صه ۾ خطاطي جو موقعو مليو، ان سان صرف شفيق الزمان ئي نه پاڪستان جي نيڪ نامي ۾ به اضافو ٿيو، هن چيو ته استاد شفيق الزمان جي فن سان نوجوان خطاط کي جديد خطاطي جا اصول سکڻ جو موقعو ملندو ۽ هو مستقبل ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪري سگهندا، صدر چيو ته خطاط کي دنيا ۾ نئين اڳڀرائي مان فائدو کڻڻ گهرجي ۽ جديديت سان خطاطي تي مثبت اثر پوڻ گهرجن، صدر چيو ته هي مسلمانن جو ثقافتي ورثو آهي جنهن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي، ان موقعي تي مشهور پاڪستاني خطاط واصل شاهد پاڪستاني خطاطن جي فن پارن تي مشتمل مجموعه ”ن والقلم“ به صدر کي پيش ڪيو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو