2013ع کان هيستائين 3 لک 52 هزار 418 پاڪستاني ڊي پورٽ ڪيا ويا آهن: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26جنوری2016ء) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته مختلف سببن جي ڪري 2013ع کان هيستائين 3 لک 52 هزار 418 پاڪستاني ڊي پورٽ ڪيا ويا آهن، خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران شمس النساءُ جي سوال جي جواب ۾ افضل ڍانڍلا ٻڌايو ته پهرين

جنوري 2013ع کان هيستائين 3 لک 52 هزار 418 پاڪستاني ڊي پورٽ ڪيا ويا آهن، انهن کي واپس موڪلڻ جي سببن ۾ وڌيڪ مدو رهڻ، پاسپورٽ ختم يا گم ٿيڻ، ويزا ختم يا مدو ختم هجڻ، پناهه ملڻ کان انڪار، جعلي دستاويز، فوجداري ڏوهه، غير قانوني رهڻ شامل آهن. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 20:47

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو