جولاءِ کان نومبر 17 -2016ع جي دوران 20 ارب 30 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ڪسٽم ڊيوٽي جمع ٿي: رانا افضل

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26جنوری2016ء) ناڻي وارو پارلياماني سيڪريٽري رانا افضل چيو آهي ته جولاءِ کان نومبر 17 -2016ع جي دوران 20 ارب 30 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ڪسٽم ڊيوٽي جمع ٿي، ٽن سالن ۾ ٽيڪس اوڳاڙين کي 62 سيڪڙو تائين وڌايو، خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران مسرت رفيق مهيسر جي سوال جي جواب ۾ رانا افضل ٻڌايو ته درآمدات ۽ برآمدات ۾ اضافي سبب

ڪسٽم جو روينيو گهٽ ٿي رهيو آهي، جولاءِ کان نومبر 17 -2016ع جي دوران 20 ارب 30 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي ڪسٽم ڊيوٽي جمع ٿي، ٽن سالن ۾ ٽيڪس اڳاڙين کي 62 سيڪڙو تائين وڌايو ويو، هن ٻڌايو ته وڏي مينوفيڪچرنگ سيڪٽر ۽صنعتي گروپ کان جولاءِ کان نومبر 17 -2016ع جي دوران سيلز ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز جي مد ۾ 221 ارب 84 ڪروڙ 24 لک روپين جي اوڳاڙيون جمع ٿي. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 20:39

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو