اقليتن بابت قومي ڪميشن جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26جنوری2016ء) اقليتن بابت قومي ڪميشن جو اجلاس خميس ڏينهن هتي مذهبي معاملن واري وزارت ۾ ٿيو، اجلاس جي صدارت مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ڪئي، اجلاس ۾ اقليت بابت قومي ڪميشن جي ميمبرن سميت مذهبي معاملن واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي حوالي سان هر قسم جي نفرت آميز تقريرن ۽ مواد جي ڇپائي جي روڪٿام تي تفصيلي خيالن جي

ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته اقليت بابت قومي ڪميشن ان سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو ۽ جيڪو به مناسب ڪارروائي ٿي اها تجويز ڪندو، اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان طئي ٿيو ته بين المذاهب ۽ بين العقائد جهڙن معاملن تي بحث ۽ مباحثي جي لاءِ 20 ڪينال زمين تي ڊائيلاگ سينيٽر تعمير ڪيو ويندو، ان کانسواءِ اسلام آباد ڊسٽرڪٽ بين المذاهب هم آهنگي ڪميٽي جوڙي ويندي جنهن ۾ سمورن مذهبن جا نمائندا شامل هوندا. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 17:37

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو