گوادر بندرگاهه ۾ 500،000 ٽن تائين ڪچي تيل جا وڏا ڪنٽينرز گذرڻ جي صلاحيت آهي: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26جنوری2016ء) منصوبابندي ۽ ترقيات واري وزارت طرفان قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته گوادر بندرگاهه ۾ 500،000 ٽن تائين ڪچي تيل جا وڏا ڪنٽينرز گذرڻ جي صلاحيت آهي، هي ملڪ ۾ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيندي ۽ مقامي ماڻهو کي وسيع روزگار جا موقعا فراهم ڪندي، هي دنيا کي 40 سيڪڙو تيل فراهم ڪندڙ نار جي ڪنڌي تي موجود آهي، اقتصادي طور تي وچ ايشيائي رياستن ڏانهن وڃڻ وارو هي ويجهو رستو آهي، چاهه بهار بندرگاهه ايران ۾ ڀارت 131 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران ڊاڪٽر شازيه ثوبيه جي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر عباد الله ٻڌايو ته

گوادر بندرگاهه نار اومان تي واقع آهي جيڪو نار فارس جي ڪنڌيء جي ويجهو آهي، هي هڪ گهري گرم پاڻي جي سامونڊي بندرگاهه آهي جيڪو تقريبن 460 ڪلوميٽر ڪراچي جي اولهه ۾ ۽ تقريبن 75 ڪلو ميٽر ايران جي سرحد سان گڏ پاڪستان جي اوڀر ۾ آهي، هي تيل سان مالا مال وچ اوڀر جي وچ ۾ ۽ خشڪي سان گهريل افغانستان ۽ گنجان آباد ڏکڻ ايشياءِ جي ذريعي تيل سان مالا مال وچ ايشيائي رياستن ڏانهن ويندڙ اقتصادي طور تي ويجهو ترين رستو آهي، هي نار جي ڪنڌي تي موجود آهي جنهن جي ذريعي دنيا جو 40 سيڪڙو تيل روزانو گذرندو آهي، گوادر بندرگاهه جي 500،000 ٽن تائين ڪچي تيل جا وڏا ڪنٽينرز گذرڻ جي صلاحيت آهي. اي پي پي/ش – چ/ ر – م20:45

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو