گهٽين ۾ اڏامندڙ ڌوڙ کان وٺي اقتدار جي ڏکين مسئلن تائين جو واحد ۽ بنيادي سبب اهو ئي رهيو آهي ته ووٽ جي اهميت کي تسليم ناهي ڪيو ويو يا ووٽ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ فيصلن کي نظرانداز ڪيو ويو: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 7دسمبر2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته گهٽين ۾ اڏامندڙ ڌوڙ کان وٺي اقتدار جي ڏکين مسئلن تائين جو واحد ۽ بنيادي سبب اهو ئي رهيو آهي ته ووٽ جي اهميت کي تسليم ناهي ڪيو ويو يا ووٽ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ فيصلن کي نظرانداز ڪيو ويو، اهو ئي اهو بنيادي نقطو آهي جنهن کي نه سمجهڻ سبب اسان جي معاشري ۾ سياسي ۽ انتظامي مسئلا پيدا ٿيا ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انهن ۾ بگاڙ پيدا ٿيندو ويو. اها ڳالهه هن ايوان صدر ۾ ووٽرز جي قومي ڏينهن جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته هي ڏينهن پاڪستان جي پهرين عام چونڊن جي مناسبت سان 7 ڊسمبر تي ملهايو پيو وڃي، ان سان ووٽ جي اهميت ۽ وقار کي اجاگر ڪري سگهبو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جو بنياد وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. ان سلسلي ۾ هڪ متفقه ۽ ٺوس ضابطه اخلاق پڻ غيرمعمولي اهميت رکي ٿو. صدر چيو ته اليڪشن ڪميشن ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان هڪ متفقه ضابطه اخلاق تيار ڪري جنهن کي هڪ قومي دستاويز جي حيثيت حاصل هجي، اهڙي طرح جو دستاويز رڳو ان ئي صورت ۾ غيرتڪراري ۽ موثر هوندو جيڪڏهن اهو عوامي خواهشن جو عڪاس هجي. ان ڏس ۾ چيف اليڪشن ڪميشن جي سياسي پارٽين سان مشاورت انتهائي فائديمند آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان مقصد جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي هر اعتبار سان خودمختيار ۽ پاڻڀرو ٿيڻ گهرجي ته جيئن آزاداڻي ۽ منصفاڻين چونڊن جي لاءِ سمورو ضروري انفراسٽرڪچر ان جي دسترس ۾ هجي ۽ رياست جا سمورا ادارا ان سلسلي ۾ ان سان تعاون ڪن.

صدر چيو ته ووٽرز جو قومي ڏينهن ملهائيندي اسان کي ٽن ڳالهين کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هڪ جڏهن ووٽ ڏيڻ جو موقعو اچي ته عوام ڪنهن بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي نج قومي ۽ ملڪي مقصدن کي نظر ۾ رکندي ووٽ جو استعمال ڪري. ٻيو انتظاميا يقيني بڻائي ته عوام جيڪو فيصلو ڏنو آهي اهو مقدس آهي تنهن ڪري ان فيصلي تي انتهائي ايمانداري سان عمل ڪيو وڃي ۽ ان جي راهه ۾ ايندڙ هر رڪاوٽ کي ختم ڪيو وڃي ۽ ٽيون قوم جڏهن هڪ ڀيرو ڪو فيصلو ڏي ته پوءِ معاشري جي سمورن طبقن جي ذميواري آهي ته اهي ان فيصلي کي پنهنجي طاقت بڻائين. صدر ممنون حسين چيو ته ملڪ ۾ آزاداڻي، غيرجانبداراڻين ۽ شفاف چونڊن جو بنياد عوامي شعور جي پختگي تي آهي جنهن جو پهريون قدم انتهائي ذميواري سان ووٽر لسٽ ۾ نالا داخل ڪرائڻ آهي. اليڪشن ڪيمشن ان مقصد جي لاءِ ضلعي سطح تي ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽيون قائم ڪيون آهن ته جيئن عوام کي ووٽ جي اهميت کان باخبر ڪندي ووٽن جي صحيح داخلا کي يقيني بڻايو وڃي. اهي ڪميٽيون ووٽن جي صحيح داخلا جي ذميواري سان گڏوگڏ ووٽ جي اهميت ۽ ان جي صحيح استعمال جي تربيت پڻ ڪن ته جيئن اسان جو چونڊ نظام وڌيڪ بهتر ۽ شفاف ٿي سگهي ۽ ملڪ ۾ جمهوري نظام جون پاڙون مضبوط ٿي سگهن. ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر (جسٽس (ر) محمد رضا ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪيمشن پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ وزيرن ۽ ٻين مهمانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو