گذريل 5 سالن دوران ڪنهن به نئين موبائيل فون ڪمپني کي مڪ ۾ پنهنجون خدمتون شروع ڪرڻ جو لائيسنس جاري ناهي ڪيو ويو: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22 فروری2018ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 5 سالن دوران ڪنهن به نئين موبائيل فون ڪمپني کي مڪ ۾ پنهنجون خدمتون شروع ڪرڻ جو لائيسنس جاري ناهي ڪيو ويو.

ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر ڊاڪٽر جهانزيب جمالديني جي سوال جي جواب ۾ وزارت پاران ٻڌايو ويو ته ٿري جي، فور جي، اين جي ايم ايس جا لائيسنس اڳ کان موجود ڪمپنين کي 2014ع، 2016ع ۽ 2017ع ۾ جاري ڪيا ويا، في الحال نئين ڪمپنين کي لائيسنس جاري ڪرڻ جو ڪو منصوبو نه آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون