پاڪستان ۾ ڪنهن صنعتي شعبي تي ڪو ڪاربن ٽيڪس لاڳو ناهي ڪيو ويو نه ئي ان حوالي سان ڪا تجويز غور هيٺ آهي: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22 فروری2018ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ڪنهن صنعتي شعبي تي ڪو ڪاربن ٽيڪس لاڳو ناهي ڪيو ويو نه ئي ان حوالي سان ڪا تجويز غور هيٺ آهي.

ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر ڊاڪٽر جهانزيب جمالديني جي سوال جي جواب ۾ موسمياتي تبديلي واري وزير سينيٽر مشاهد الله خان ٻڌايو ته ڪاربن جون قيمتون لاڳو ٿيڻ جي جاچ لاءِ گڏيل قومون فريم ورڪ ڪنوينشن آن ڪلائميٽ چينج جي معاونت سان موسمياتي تبديلي واري وزارت هڪ مطالعو جاري ڪندي ۽ اهو جائزو ورتو ويندو ته ڇا ڪاربن تي اهڙو ٽيڪس موزون آهي يا نه.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون