مالي سال 18 – 2017ع دوران اسلام آباد ۾ ڪينسر اسپتال جي لاءِ 200 ملين رپين جي رقم رکي وئي آهي: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22 فروری2018ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 18 – 2017ع دوران اسلام آباد ۾ ڪينسر اسپتال جي لاءِ 200 ملين رپين جي رقم رکي وئي آهي.

ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر سراج الحق جي سوال جي جواب ۾ ڪيڊ واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ٻڌايو ته 5 ارب رپين تي ٻڌل پي سي ون ڪيڊ کي ڏني وئي هئي ته جيئن اها منصوبابندي ڊويزن کي موڪلي. منصوبابندي ڊويزن پي سي ون جي مختلف معاملن تي بحث ڪري ورتو آهي هاڻي سي ڊي ڊبليو جي منظوري جو انتظار آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون