واپاري تنظيمون (ترميمي) بل 2016ع حڪومت جي گذارش تي ملتوي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06ستمبر 2016ء) واپاري تنظيمون (ترميمي) بل 2016ع حڪومت جي گذارش تي ملتوي ڪيو ويو. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سراج محمود خان رٿ پيش ڪئي ته واپاري تنظيمون (ترميمي) بل 2016ع غور هيٺ آندو وڃي،

قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته هي اهم معاملو آهي، ان کي وقتي طور تي ملتوي ڪيو وڃي، سراج محمد خان چيو ته ڪميٽي ته ان جي منظوري ڏني آهي تنهن هوندي به ملتوي ڪرڻ تي ڪو اعتراض نه آهي، جنهن تي اهو بل ملتوي ڪيو ويو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو