وزيراعظم محمد نواز شريف سان سينيگال جي صدر ميڪي سال جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سينيگال سان ٻطرفو واپار وڌائڻ جي لاءِ ٽيڪسٽائيل، زرعي مشينري ۽ فارماسيوٽيڪل جي شعبن ۾ تعاون ۾ اضافي تي زور ڏنو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ سينيگال جي صدر ميڪي سال سان نويڪلائي ۾ ملاقات دوران وزيراعظم ساليانو ٻطرفي واپار جو موجوده ڪاٿو 30.469 ملين ڊالر کي ان جي حقيقي صلاحيتن موجب وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته سينيگال پاڪستان جي چمڙي ۽ ننڍي انجنيئرنگ جي سامان مان فائدو وٺي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ واپار واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ هڪ واپاري ۽ سيڙپڪاري وفد سينيگال جو دورو ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سينيگال ۾ هڪ پاڪستاني بئنڪ کولڻ جو به جائزو وٺي رهيو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهولت ملندي. هن گذريل سال نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سيشن جي موقعي تي سينيگال جي صدر ميڪي سال سان پنهنجي ملاقاتن جو حوالو ڏنو جتي ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو هو.

وزيراعظم محمد نواز شريف سال 17 – 2016ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمسقتل ميمبر بڻجڻ جي سلسلي ۾ سينيگال جي چونڊ تي صدر کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سينيگال اسلامي ملڪن جي مفادن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ هڪ فعال ڪردار ادا ڪندو. هن سينيگال ۾ 2012ع ۾ عام چونڊن کانپوءِ جمهوريت کي يقيني بڻائڻ تي سينيگال جي صدر کي ساراهيو ۽ علائقائي مسئلن جي حل لاءِ ان جي مثبت ڪردار جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم نواز شريف اسلام آباد ۾ سينيگال جو سفارتخانو کولڻ جي سلسلي ۾ سينيگال جي صدر جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. ٻنهي ملڪن دفاعي شعبي ۽ دفاعي خريداري ۾ تعاون جو پڻ جائزو ورتو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو