زبير موتي والا پنهنجي عهدي جو مدو ختم ٿيڻ کان پهرين انٽر اسٽيٽ گئس سسٽم پرائيويٽ لميٽيڊ جي بورڊ تان استعيفيٰ ڏني آهي: وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته زبير موتي والا پنهنجي عهدي جو مدو ختم ٿيڻ کان پهرين انٽر اسٽيٽ گئس سسٽم پرائيويٽ لميٽيڊ جي بورڊ تان استعيفيٰ ڏني آهي، هن جيڪي الزام هنيا آهن کيس بورڊ جي سامهون ثابت ڪرڻ گهرجن.

ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ سيد نويد قمر جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته اهو ڪو مسئلو نه آهي، سندس عهدي جو مدو پورو ٿي چڪو هو ۽ زبير موتي والا پنهنجي مدو ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي جڏهن ته هڪ ميمبر جنهن جي ڪانٽريڪٽ جو مدو ختم ٿي رهيو هو ۽ ان کي نه وڌائڻ تي هن الزامن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، اسان سندس الزام اداري جي بورڊ کي موڪلي ڇڏيا آهن، هن چيو ته شهزاد علي خان ۽ زبير موتي والا جي عهدن جو مدو ٽن سالن لاءِ هو، هنن ٻنهي ڪمپني جي بورڊ جي 39 کان وڌيڪ اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان وقت ڪو به مسئلو نه کنيو، هنن جيڪي الزام هنيا آهن انهن کي بورڊ جي سامهون ثابت ڪرڻ گهرجي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو