سينيگال جي صدر جي مان ۾ وزيراعظم هائوس ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06ستمبر 2016ء) سينيگال جي صدر ميڪي سال جي مان ۾ ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب منعقد ٿي. وزيراعظم محمد نواز شريف وزيراعظم هائوس اچڻ تي سندس مرڪزي دروازي تي شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي هٿياربند فوج جي دستي صدر کي سلامي ڏني ۽ گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. پاڪستان ۽ سينيگال جو قومي ترانو وڄايو ويو. سينيگال جي صدر گارڊ آف آرنر جو معائنو ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو جڏهن ته سينيگال جي صدر پنهنجي وفد جي ميمبرن کي وزيراعظم سان متعارف ڪرايو.

ان کان اڳ سينيگال جو صدر ميڪي سال صبح ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو ته وزيراعظم محمد نواز شريف نور خان ايئربيس تي سندس شاندار آجيان ڪئي. قومي لباس پهريل ٻارڙن مهمان کي گلدستا پيش ڪيا. سينيگال جو صدر دوري دوران پاڪستان ۽ سينيگال جي وچ ۾ تعاون جا نوان امڪان ڳولڻ جي لاءِ ڳالهيون ڪندو. هو مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ مفاهمتي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪندو. وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز پڻ معزز مهمان جي استقبال لاءِ ايئرپورٽ تي موجود هو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو