وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ترڪمانستان جي پرڏيهي معاملن واري وزير جي خيرسگالي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ15جنوری2018ء)  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ترڪمانستان جي وزارتي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير راشد مريدوف خيرسگالي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي لاءِ رستن ۽ ريل رابطن سميت رابطاڪاري جي منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن وزيراعظم کي ترڪمانستان جي صدر پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ترڪمانستان – افغانستان – پاڪستان – انڊيا (تاپي) گئس پائيپ لائين پراجيڪٽ سميت توانائي جي ٻين منصوبن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ترڪمانستان سان توانائي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ ۾ پاڪستان پاران دلچسپي جي اظهار کي ورجايو ۽ تاپي منصوبي تي ٿيندڙ اڳڀرائي کي ساراهيو. ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير وزيراعظم کي بجلي جي ٽرانسميشن لائين ۽ فائبر آپٽڪ تجويزن بابت پڻ آگاهه ڪيو.

هن پاڪستاني ڪمپنين کي ترڪمانستان پاران تاپي منصوبي جي لاءِ پيش ڪيل ٽينڊرز ۾ شموليت جي دعوت ڏني. هن پنهنجي حڪومت جي پاليسين بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته اهي پاليسيون پرڏيهي سيڙپڪارن کي ترڪمانستان ۾ سيڙپڪاري جي اجازت ڏين ٿيون، ان سلسلي ۾ ترڪمانستان جي حڪومت پيٽرو ڪيميڪل انڊسٽري بابت منصوبن ۾ پاڪستان جي شموليت جي آجيان ڪندي. ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي ترڪمانستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. واضح رهي ته ترڪمانستان جو پرڏيهي وزير پنهنجي پاڪستاني هم منصب خواجه محمد آصف جي دعوت تي پاڪستان – ترڪمانستان ٻطرفي پوليٽيڪل ڪنسلٽيشنز جي افتتاحي سيشن ۾ شرڪت جي لاءِ ڪالهه سومر ڏينهن 2 ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو هو. ملاقات ۾ ترڪمانستان جي توانائي ۽ گئس وارن وزيرن ۽ تاپي گئس پائيپ لائين ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر کانسواءِ پاڪستان جو پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف پڻ موجود هو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون