پرڏيهي آفيس ڪينيا ۾ گرفتار 9 پاڪستاني ايڪسپورٽرز کي آزاد ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: سيد خورشيد شاهه

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ15جنوری2018ء) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته پرڏيهي آفيس ڪينيا ۾ گرفتار 9 پاڪستاني ايڪسپورٽرز کي آزاد ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته پاڪستان ۾ چانور جي ايڪسپورٽ گهٽ ٿي رهي آهي، چانور جا 9 ايڪسپورٽرز ڪينيا ۾ گرفتار آهن، انهن جي خلاف مختلف ڪيس ٺاهيا پيا وڃن، اسان پرڏيهي سيڪريٽري سان ڳالهه ڪئي آهي، هن خاطري ڪرائي آهي ته هن هاءِ ڪمشنر سان ڳالهه ڪئي آهي هو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. سيد خورشيد شاهه چيو ته افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پرڏيهي آفيس کي ان واقعي جي خبر ئي نه هئي، ڪينيا جهڙو ملڪ به اسان سان اهو رويو اختيار ڪري ته افسوس جي ڳالهه آهي.

آمريڪي جنگ ۾ اسان پنهنجي معيشت تباهه ڪري ڇڏي. 2300 ارب جو نقصان ڪيو. اسان افغان جنگ ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه برباد ڪري ڇڏيو. اسان ان کي رستا ڏنا، هوائي اڏا ڏنا پر پوءِ به اسان تي الزام هنيا پيا وڃن. هن چيو ته اسان کي پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ نه گهرجن. هن چيو ته گوادر ۾ پاڻي ۽ بجلي نه آهي، اتي 18، 18 ڪلاڪن جي لوڊشيدنگ آهي ۽ پاڻي جو هڪ ٽينڪر 15 هزار ۾ ملي ٿو، انهن معاملن تي ڌيان ڏنو وڃي، اسان کي قائداعظم ۽ ڀٽو جي ائٽمي پاڪستان جي لاج رکڻ گهرجي، جڏهن اسان ڪنهن سان ڪمزور ٿي ڳالهائينداسين ته اهي اسان کي کائي ويندا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون