اٽڪل 5.5 سيڪڙو واڌويجهه جي شرح سان ترقي ڪندڙ پاڪستاني معيشت، چرپر ۽ ٽرانسپورٽ سميت مختلف شعبن ۾ وسيع ڪاروباري موقعا پيش ڪري ٿي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ15جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اٽڪل 5.5 سيڪڙو واڌويجهه جي شرح سان ترقي ڪندڙ پاڪستاني معيشت، چرپر ۽ ٽرانسپورٽ سميت مختلف شعبن ۾ وسيع ڪاروباري موقعا پيش ڪري ٿي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي لاءِ اقتصادي موقعن جون نيون راهون کوليون آهن جنهن کي گڏيل فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. هن اها ڳالهه انٽرنيشنل فيڊريشن آف فريٽ فارورڊز ايسوسيئيشن (ايف آءِ اي ٽي اي) جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن پنهنجي صدر بابر بادات جي سربراهي ۾ سومر ڏينهن وزيراعظم آفس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صنعت ۽ پيداوار وارو مملڪتي وزير سردار محمد ارشد خان لغاري به ان موقعي تي موجود هو. وفد ۾ ايسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر هوچيانگ زائو، رابرٽ اي وولٽ مين، فرانسڪوايس پريسي، آئيون پيٽرووف، بيسل پيٽريسن، ترگت ارڪسڪن ۽ هانس گنٿر شامل هئا، وزيراعظم وفد جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي چيو ته اٽڪل 5.5 سيڪڙو واڌويجهه جي شرح سان ترقي ڪندڙ پاڪستاني معيشت، چرپر ۽ ٽرانسپورٽ سميت مختلف شعبن ۾ وسيع ڪاروباري موقعا پيش ڪري ٿي، هن چيو ته 1800 ڪلوميٽر کان وڌيڪ 6 ڦاڪن واري موٽر ويز ۽ ٻين رستن ۽ ايڪسپريس ويز جي اضافي سان پاڪستان جي شاندار روڊ ڍانچي کي لاجسٽڪس ڪمپنيون نه رڳو ترقي ڪندڙ معيشت جي مقامي گهرجن پر پوري خطي جي لاڳاپيل ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهن ٿيون، وزيراعظم چيو ته سي پيڪ منصوبي جي ڪامياب پڄاڻي کانپوءِ پاڪستان خاص طور تي خشڪي ۾ گهيريل افغانستان ۽ وچ ايشيائي رياستن لاءِ وسيع تر علائقائي واپار ۽ رابطي جو محور بڻجڻ لاءِ تيار آهي.

هن چيو ته سي پيڪ نه رڳو پاڪستان پر پوري علائقي لاءِ موقعن جون نيون راهون کوليون آهن، انهن اقتصادي موقعن کي هڪ جهڙا فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ آڻڻ گهرجن، بابر بادات ۽ سندس وفد چيو ته سندن تنظيم پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تحت تمام وڏي روڊ انفرااسٽرڪچر جي تعمير کانپوءِ پيدا ٿيندڙ وسيع ڪاروباري موقعن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ۾ پنهنجي سرگرمين جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ دلچسپي رکي ٿي، وزيراعظم وفد کي خاطري ڪرائي ته حڪومت ملڪ ۾ منافع بخش ڪاروباري منصوبن ۾ ايف آءِ اي ٽي اي کي هر ممڪن معاونت فراهم ڪندي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون