آمريڪا سميت سڀني کي اها ڳالهه نظر ۾ رکڻ گهرجي ته اڄ جو پاڪستان ضرب عضب کانپوءِ جو پاڪستان آهي: وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ15جنوری2018ء) دفاع واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان چيو آهي ته آمريڪا سميت سڀني کي اها ڳالهه نظر ۾ رکڻ گهرجي ته اڄ جو پاڪستان ضرب عضب کانپوءِ جو پاڪستان آهي، آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجي ناڪامين جو ذميوار پاڪستان کي قرار نه ڏي، افغان جنگ پاڪستان جي سرزمين تي نه ٿي وڙهي سگهجي، ٽرمپ انتظاميا ڌمڪين، امداد جي بندش ۽ نوٽيسز ڏيڻ بدران ڳالهين جي ميز تي اچي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ دفاع واري وزير خرم دستگير پاليسي بيان ڏيندي چيو ته اسان جي خطي ۾ آمريڪا 15 سالن کان هڪ جنگ وڙهي رهيو آهي، گذريل ساڍن چئن سالن کان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پاڙيسري ملڪ ايران سان لاڳاپن کي سگهه ڏني آهي، اسان جي حڪومت سدائين علائقائي سلامتي ۽ استحڪام جي ڳالهه ڪئي آهي، اسان رشين فيڊريشن سان دفاعي معاهدي سان گڏوگڏ گڏيل فوجي مشقون ڪيون. هن چيو ته پاڪستان جي سيٽو ۽ سينٽو جي ميمبرشپ هئي هاڻي پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جو ميمبر آهي. اسان جي حڪومت سعودي عرب ۽ ترڪيءَ سان دوستي جي لازوال رشتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي يقين رکي ٿي. چين سان لاڳاپا وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن ۽ دوستي جو اهو لازوال رشتو گوادر پورٽ ۽ چين کي سي پيڪ ذريعي ڳنڍڻ سان وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. پاڪستان ۽ چين افغانستان جي صورتحال تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. هن چيو ته ڀارت پاران پاڪستان مخالف سرگرمين جو سلسلو جاري آهي. ڀارتي آرمي چيف جي ڌمڪي تي پاڪستان جي گهري نظر آهي. هن چيو ته هيستائين لائين آف ڪنٽرول تي اشتعال انگيز 1300 خلاف ورزيون ٿي چڪيون آهن جن ۾ 52 شهيد ۽ 75 زخمي ٿي چڪا آهن. پاڪستان جي عوام پنهنجي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. گذريل 16 سالن ۾ آمريڪا افغانستان ۾ کربين ڊالر خرچ ڪيا. ان دوران آمريڪا جا هزارين فوجي مارجي ويا ۽ هزارين زخمي ٿيا. 16 سالن جي فوجي ڪوششن کانپوءِ به سلطنتن جي قبرستان ۾ ڪاميابي نه ملي ۽ اربين ڊالر خرچ ڪرڻ کانپوءِ به ڪو فائدو نه ٿيو. ان جي جواب ۾ پاڪستان تي الزام بازي جو سلسلو شروع ٿيو. ان حقيقت جي باوجود ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قيمتي انساني جانين جي قرباني ۽ بنيادي ڍانچي جو نقصان ٿيو، اسان ڪنهن امداد يا مالي فائدي جي لاءِ ان جنگ ۾ شامل نه ٿيا هئاسين. اسان جي سرزمين تان روزانو 200 اڏاومون ڪيون ويون، القاعده خلاف پاڪستان سڀ کان وڌيڪ موثر ڪارروايون ڪيون، پاڪستان 30 لک کان وڌيڪ افغانين جي ميزباني ڪئي ۽ اڃا به ڪري رهيو آهي، ڇا ڪير ان جي قيمت لڳائي سگهي ٿو. دفاع واري وزير چيو ته آپريشن ضرب عضب جو پاڪستان هڪ نئون پاڪستان آهي. دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف ضرب عضب هڪ وڏو آپريشن هو جنهن دوران فاٽا، ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ ڪارروايون ڪيون ويون ۽ اتي امن قائم ڪيو ويون.

ان سان گڏوگڏ پاڪستان عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوششن ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. پاڪ بحريه اتحادي فوجن جي سامونڊي فورسز سان گڏجي عالمي سمنڊن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. آمريڪا پاران امداد جي بندش ۽ ٻين ڌمڪين جو حوالو ڏيندي دفاع واري وزير چيو ته ٽرمپ انتظاميا کي ڌمڪين بدران ڳالهين جي ميز تي اچڻ گهرجي، پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ اڳڀرائي ڌمڪين ۽ امداد جي بندش سان نه پر ٺوس ۽ خوشگوار ماحول ۾ ڳالهين سان ممڪن ٿيندي. دفاع واري وزير چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، خودمختيار ۽ ترقي ڪندڙ افغانستان جي خواهش رکي ٿو. پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. اسان جي سرزمين ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿي رهي آهي پر ان جي ابتڙ پاڪستان پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن جا محفوظ ٺڪاڻا ختم ڪيا. تازي آمريڪي رپورٽ موجب افغانستان جا 43.2 سيڪڙو ضلعا افغانستان حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهن، ان شرح ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي جڏهن ته بدقسمتي سان ان جو اعتراف ڪرڻ بدران پاڪستان تي الزام بازي جو آسان رستو اختيار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته افغان پناهگيرن جي پنهنجي وطن واپسي ۽ پاڪ افغان سرحد تي باڙ هڻڻ سان الزام بازي جو رستو بند ٿي ويندو. پاڪستان پنهنجي پاران سرحدي انتظام کي موثر بڻائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن. هن چيو ته ٽرمپ انتظاميا اسٽريٽجڪ ڳالهين جو موثر سلسلو ختم ڪيو جنهن سان گڏيل رابطن جو آسان رستو بند ٿي ويو آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٺوس ۽ خوشگوار ماحول ۾ ڳالهين سان سمورن معاملن ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. افغانستان جو ذڪر ڪندي دفاع واري وزير خرم دستگير چيو ته هڪ محفوظ، خودمختيار، پرامن ۽ جمهوري افغانستان اسان جي خواهش آهي. اسان افغانستان جي داخلي خودمختياري ۽ سلامتي جو احترام ڪريون ٿا پر اهو عمل ٻطرفو هجڻ گهرجي ۽ ان جو عملي مظاهرو به ڏسڻ ۾ اچڻ گهرجي. دفاع واري وزير چيو ته پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، اسان پنهنجي سرزمين، پنهنجي فضائن ۽ پنهنجي سمنڊن جي حفاظت ڪري سگهون ٿا. پاڪستان هڪ ذميوار ائٽمي ملڪ آهي، اسان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل نه ٿا ٿيڻ چاهيون. پاڪستان پنهنجي گهٽ کان گهٽ دفاعي صلاحيت برقرار رکندو. دفاع واري وزير چيو ته پاڪستان هڪ عظيم قوم آهي، اسان دهشتگردي ۽ توانائي جي چئلينجن تي ضابطو آڻي ان جو عملي ثبوت ڏنو آهي. پنهنجي قربانين جي اسان ڪنهن کان قيمت نه ٿا وٺون. مون گذريل هفتي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ عبيد جي گهر جو دورو ڪيو، جنهن جي عمر 21 سال هئي، سرحد پار حملن ۾ اسان جا آفيسر ۽ جوان شهيد ۽ زخمي ٿي رهيا آهن. سرحدن جي خلاف ورزي وڌيڪ برداشت نه ڪئي ويندي، اسان هڪ پرعزم قوم آهيون.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون