قومي اسيمبلي مان مخالف ڌر پاران اعتراض واري نقطي تي نه ڳالهائڻ تي واڪ آئوٽ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي جي اجلاس مان مخالف ڌر جي ميمبرن اعتراض واري نقطي تي ڳالهائڻ جو موقعو نه ملڻ تي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو.

ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي ميمبرن ايوان ۾ اعتراض واري نقطي تي ڳالهائڻ چاهيو، اسپيڪر پاران اجازت نه ملڻ تي ميمبرن گوڙ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن تي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته پي ٽي آءِ جا ميمبر وزيراعظم جي حوالي سان ريفرنس تي ڳالهائڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي ته ان ۾ ڪو به حرج نه آهي، جنهن تي اسپيڪر چيو ته پهرين ڌيان ڇڪايو نوٽيسن تي ڳالهايو وڃي، جڏهن آئون چاهيندس اعتراض واري نقطي تي ڳالهائڻ ڏيندس جنهن تي مخالف ڌر جي ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، اسپيڪر وفاقي وزير زاهد حامد ۽ راڻا تنوير حسين کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو مخالف ڌر کي راضي ڪري ايوان ۾ واپس وٺي اچن جنهن کانپوءِ مخالف ڌر جا ميمبر ايوان ۾ واپس اچي ويا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون