سينيٽ مان مخالف ڌر پاران ڪوئيٽا سانحي تي بحث دوران وزيرن جي غيرموجودگي تي واڪ آئوٽ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) سينيٽ جي اجلاس مان مخالف ڌر جي ميمبرن ڪوئيٽا سانحي تي بحث دوران وزيرن جي غيرموجودگي تي واڪ آئوٽ ڪيو، مخالف ڌر جي ميمبرن جي ايوان مان وڃڻ کانپوءِ بلوچستان سان لاڳاپيل سينيٽر ڪورم جي نشاندهي ڪئي ۽ ڪورم پورو نه هجڻ تي اجلاس اڌ ڪلاڪ جي لاءِ ملتوي ڪيو ويو. سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته سانحي تي بحث ٿي رهيو آهي ۽ حڪومتي بئنچن تي وزير موجود نه آهن هي تمام گهڻو سنجيده معاملو آهي، گهرو وزير کي موجود هجڻ گهرجي ها، اسان احتجاجن واڪ آئوٽ ڪريون ٿا، اسان ڪنهن کي ڳالهيون ٻڌايون، حڪومتي ڌر مان هتي ڪو ٻڌڻ لاءِ آهي ئي ڪو نه، جنهن کانپوءِ مخالف ڌر سان لاڳاپيل سينيٽر اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.

اجلاس جي صدارت ڪندڙ سينيٽر احمد حسن (ن) ليگ جي سينيٽر مشاهد الله خان کي چيو ته واڪ آئوٽ ڪندڙن کي راضي ڪري واپس آندو وڃي، جنهن دوران سينيٽر ڪلثوم پروين ڪورم جي نشاندهي ڪئي ۽ ڳڻپ تي ڪورم پورو نه نڪتو جنهن جي ڪري اجلاس اڌ ڪلاڪ جي لاءِ ملتوي ڪيو ويو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو