پارليامينٽ ميمبرن کي مختلف ملڪن جي اعليٰ عملدارن تائين جهڙي پهچ مليل آهي اهڙي ئي سفارتڪارن کي ناهي مليل: سرتاج عزيز

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پارليامينٽ ميمبرن کي مختلف ملڪن جي اعليٰ عملدارن تائين جهڙي پهچ مليل آهي اهڙي ئي سفارتڪارن کي ناهي مليل ان جي لاءِ وزيراعظم پارلياماني وفد ڪشمير مسئلي تي لابنگ ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهو سلسلو اڳتي به هلندو، اسان گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو حل چاهيون ٿا. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران سلمان بلوچ جي سوال جي جواب ۾ پرڏيهي صلاحڪار ٻڌايو ته 8 جولاءِ جي واقعي کانپوءِ سمورن سفارتخانن کي چئي ڇڏيو هو ته ان ڏاڍ کي عالمي سطح تي کڻن، ان تي مستقل موٽ ملي رهي آهي، وزيراعظم جي سطح تي انساني حقن جي تنظيمن ۽ گڏيل قومن کي خط لکيا ويا آهن، سفيرن کي اهڙي قسم جي پهچ نٿي ملي سگهي جهڙي پارليامينٽ جي نمائندن کي ملي ٿي، مختلف ملڪن ۾ چونڊيل نمائندا موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اهو سلسلو اڳتي به هلندو.

هن چيو ته عالمي برادري کي حالتن کان آگاهه ڪرڻ ۽ ڌيان ڇڪرائڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو حل چاهيون ٿا، انهن نمائندن کي بريفنگ پڻ ڏني وئي آهي، ان جي اثر موثر هوندا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو