وزيراعظم پاران محمد بن سلمان کي سعودي عرب جو ولي عهد مقرر ٿيڻ تي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22جون2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود کي سعودي عرب جو ولي عهد مقرر ٿيڻ تي دلي مبارڪباد ڏيندي ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته سندس فعال ۽ بصيرت واري قيادت ۾ سعودي عرب عظمت جي نئين بلندين تي پهچندو ۽ سلطنت جي برادر عوام وڌيڪ خوشحال ٿيندي. ڪالهه خميس ڏينهن ولي عهد جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم پاڪستان جي حڪومت، عوام ۽ پنهنجي طرفان مبارڪون پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل عقيدي، قدر ۽ امت جي مستقبل جي لاءِ هڪجهڙين اميدن ۾ ٻڌل آهن، مون کي اعتماد آهي ته هي لاڳاپا ايندڙ وقتن ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ ٻنهي ڀائر عوام جي وچ ۾ محبت، ڀائيچاري جو رشتو وڌيڪ گهرو ٿيندو.

وزيراعظم سعودي عرب جي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ تمنائن جو به اظهار ڪيو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو