عيدالفطر جون موڪلون ملهائيندڙ پرديسين هفتو موڪلون ملهائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 19جون2017ء) عيدالفطر جي ٽي ڏينهن موڪلن جي اعلان کانپوءِ ڇنڇر ۽ آچر جون اضافي موڪلون گڏائي عيد ملهائيندڙ پرديسين هفتو موڪلون ملهائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. حڪومت پاران 26 کان 28 جون تائين عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن کان اڳ ڇنڇر ۽ آچر جي هفتيوار موڪلن کانپوءِ ڪل انگ 5 ٿي ويو آهي پر ڇنڇر، آچر، سومر، اڱاري، اربع کانسواءِ عيد کانپوءِ ايندڙ خميس ۽ جمعي جون ٻه اضافي موڪلون پڻ حاصل ڪري ورتيون آهن ته جيئن ان سان ٻئي هفتي ايندڙ ڇنڇر ۽ آچر واري موڪلن کي به شامل ڪري سگهجي.

اڪثر اضافي موڪلون عيد کانپوءِ ورتيون آهن ۽ ڪجهه عيد کان اڳ موڪلون ورتيون آهن، پرديسين جي روانگي جمعي کان شروع ٿي ويندي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون