قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 21جون2017ء) قومي اسيمبلي جي مذهبي معاملن، بين المذاهب هم آهنگي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس اڄ خميس ڏينهن ٻه وڳي وزارت جي ڪميٽي روم ۾ ٿيندو.

اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو ڪنوينر علي محمد خان ڪندو. اجلاس ۾ اقليتين جي حقن بابت قومي ڪميشن جي بل 2015ع تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته ان حوالي سان اقليتي ميمبرن جي سفارشن ۽ تجويزن تي غور ڪيو ويندو، ٻيا معاملا به غور هيٺ آندا ويندا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون