اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22جون2017ء) سينيٽ جي گهٽ ترقي يافته علائقن بابت جوڙيل خصوصي ڪميٽي جو اجلاس (اڄ) جمعي ڏينهن ساڍي 10 وڳي پارليامينٽ هائوس جي ڪميٽي روم ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر عثمان خان ڪاڪڙ ڪندو.
اجلاس ۾ چئني صوبن ۽ فاٽا جي گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ جاري منصوبن تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني ويندي جڏهن ته اين سي ايڇ سي ڊي طرفان گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ اسڪالرشپ جي حوالي سان ۽ اين سي ايڇ ڊي طرفان گهٽ ترقي يافت علائقن جي لاءِ بجيٽ 18 -2017ع ۾ مختلف منصوبن جي لاءِ فنڊن جي ڊيمانڊ تي غور ڪيو ويندو.