قومي اسيمبلي پاران ترڪيءَ ۾ فوجي بغاوت ڪچلڻ ۽ جمهوري قدرن جي تحفظ تي مبارڪباد واري قرارداد منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) قومي اسيمبلي ترڪيءَ ۾ فوجي بغاوت ڪچلڻ ۽ جمهوري قدرن جي تحفظ تي مبارڪباد واري قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ قرارداد قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد پيش ڪئي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان ترڪيءَ جي بهادر عوام پاران پنهنجي ملڪ کي انتشار ۽ سول وار کان بچائڻ ۽ فوجي بغاوت کي ڪچلڻ تي مبارڪباد ڏيندي ان سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، جمهوريت جي تحفظ جي لاءِ سمورين مخالف ڌر جي پارٽين پاران بي مثال ۽ تاريخي ڪردار تي کين خراج تحسين ۽ مبارڪباد پيش ڪري ٿو، بغاوت دوران مارجي ويلن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو.

قرارداد ۾ چيو ويو ته پاڪستان پنهنجي ترڪ ڀائرن سان گڏ آهي، اسپيڪر قرارداد ايوان۾ پيش ڪئي، جنهن کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو