گڏيل قومن کي ڪشمير تي پنهنجي قراردادن جي حوالي سان پنهنجي ٻٽي معيارجو جائزو وٺڻ گهرجي: وفاقي وزير چوڌري برجيس طاهر

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) ڪشمير ۽ گلگست بلتستان معاملن واري وفاقي وزير چوڌري محمد برجيس طاهر چيو آهي ته گڏيل قومن کي ڪشمير تي پنهنجي قراردادن جي حوالي سان پنهنجي ٻٽي معيار جو جائزو وٺڻ گهرجي، جيڪڏهن اوڀر تيمور ۽ سوڊان ۾ راءِ شماري ٿي سگهي ٿي ته ڪشميرين کي تسليم ٿيل خودمختياري جي حق کان محروم ڇو رکيو پيو وڃي، ڀارت پاڻ اهو مسئلو سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير چوڌري محمد برجيس طاهر چيو ته ڪشمير مسئلي جي حوالي سان ميمبرن جهڙي طرح دلچسپي جو اظهار ڪيو اسان ٿورائتا آهيون، پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام ڪشميرين جي ڏک کي پنهنجو ڏک ۽ سندس خوشي کي پنهنجي خوشي سمجهي ٿي.

هن چيو ته ڀارت پاڻ سلامتي ڪائونسل ويو پر قراردادن جي منظوري کانپوءِ هن چوڻ شروع ڪري ڇڏيو ته ڪشمير سندس اڻٽٽ حصو آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو