خيبرپختونخواهه جي حڪومت جي چوڻ تي ڪسٽم ايڪٽ 1969ع واپس وٺڻ جي سمري جي صدر منظوري ڏئي ڇڏي آهي: وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت جي چوڻ تي ڪسٽم ايڪٽ 1969ع واپس وٺڻ جي سمري جي صدر منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ايوان سان واعدو هو ته وزيراعظم جي وطن واپسي تي معاملو ان آڏو اٿاريو ويندو جڏهن ته وزيراعظم جي وطن واپسي تي اهو واعدو ڪري ڇڏيو آهي ۽ عوام ۽ ميمبرن جي مطالبي تي اهو ايڪٽ واپس ورتو ويو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته آرٽيڪل 246 تحت پاٽا صدر جي دائري ۾ اچي ٿو، ڪسٽم 1969ع جو ايڪٽ پاٽا تي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، مون چيو هو ته وزيراعظم جڏهن وطن واپس ايندو ته ان جو فيصلو ڪندو.

15 مئي 2015ع تي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو هو ته ڪسٽم ايڪٽ 1969ع کي فاٽا ۾ لاڳو ڪيو وڃي، ان پاران موڪليل سمري موجب ان کي پاٽا تي لاڳو ڪيو ويو، ٻن مهينن کانپوءِ ڪي پي ڪي حڪومت ٻيهر سمري موڪلي ته غربت کي نظر ۾ رکندي ڪوهستان ۽ مالاڪنڊ ڊويزن سميت پاٽا جي ٻين ضلعن مان ڪسٽم ايڪٽ کي واپس ورتو وڃي، آفتاب شيرپائو ۽ ٻين اڳواڻن پڻ چيو هو ته ان فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي، 30 جولاءِ 2016ع تي ڪوهستان سميت پاٽا جي 8 ضلعن تان ڪسٽم ايڪٽ 1969ع ختم ڪيو وڃي، صدر وزيراعظم جي سمري منظور ڪئي آهي، اهو فنانس بل جو حصو نه هو، مون وزيراعظم جي واپسي کانپوءِ 15 ڏينهن بدران 10 ڏينهن ۾ پنهنجو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 21:18

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون