قانونن جي جائزي بابت ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) قانونن جي جائزي بابت ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽ پاران مختلف ترميمن سان گڏ پاس ڪيل سائبر ڪرائميز بل جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهو بل قومي اسيمبلي جي جاري سيشن دوران پيش ڪيو ويندو. اجلاس ۾ انٽرنيشنل اين جي اوز بابت قانونسازي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ان حوالي سان مسودي کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي ته جيئن اهو بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪري سگهجي.

ڪميٽي جي ميمبرن قانونسازي جي طريقيڪار ۾ بهتري بابت مختلف تجويزن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان، اٽارني جنرل آف پاڪستان اشتر اوصاف علي ۽ وزيراعظم جي قانون واري خصوصي معاون بيريسٽر ظفر الله خان پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 21:21

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو