اطلاعات ۽ نشريات واري وزير پاران ياور حيات جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اطلاعات ۽ نشريات واري وزير پاران ياور حيات جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 4 نومبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي وي جي اڳوڻي ڊراما ڊائريڪٽر ياور حيات جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ياور حيات جي موت سان ملڪ هڪ عظيم اثاثي ۽ تخليقي ذهن کان محروم ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڊرامي جي شعبي ۾ مرحوم جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. مملڪتي وزير ياور حياقت جي بيواهه کي فون پڻ ڪيو ۽ سندس گهر واري جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ سوڳوار خاندان سان همدردي جو اظهار ڪيو.