ڇڪتاڻ واري سياست ملڪ جي لاءِ لاڀائتي نه آهي، مفاهمت جي سياست سان ئي ملڪ ۾ وڏا وڏا فيصلا ٿيا آهن،

دهشتگردي، انتهاپسندي، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي هن دور ۾ ڪو به مهذب شخص ڪنهن شهر کي بند ڪرڻ جي فيصلي جي حمايت نه ٿو ڪري سگهي: سينيٽرز

ڇڪتاڻ واري سياست ملڪ جي لاءِ لاڀائتي نه آهي، مفاهمت جي سياست سان ئي ملڪ ۾ وڏا وڏا فيصلا ٿيا آهن، 
دهشتگردي، انتهاپسندي، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي هن دور ۾ ڪو به مهذب شخص ڪنهن شهر کي بند ڪرڻ جي فيصلي جي حمايت نه ٿو ڪري سگهي: سينيٽرز

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 4 نومبر2016ء) سينيٽ جي ميمبرن چيو آهي ته ڇڪتاڻ واري سياست ملڪ جي لاءِ لاڀائتي نه آهي، مفاهمت جي سياست سان ئي ملڪ ۾ وڏا وڏا فيصلا ٿيا آهن، دهشتگردي، انتهاپسندي، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي هن دور ۾ ڪو به مهذب شخص ڪنهن شهر کي بند ڪرڻ جي فيصلي جي حمايت نه ٿو ڪري سگهي، اسلام آباد کي بند ڪرڻ جو اعلان کل جوڳو هو، قانون جي عملداري سان ئي جمهوريت مضبوط ٿيندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ 27 آڪٽوبر جي واقعن جي حوالي سان رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر تاج حيدر چيو ته جمهوريت جي گهرج آهي ته ملڪ ۾ هڪ مهذب سياسي ڪلچر هجي. هن چيو ته عوامي نمائندن جو فرض آهي ته اهي پنهنجي قول ۽ فعل سان مهذب سياسي ڪلچر کي فروغ ڏين. هن چيو ته ڇڪتاڻ واري سياست ملڪ جي لاءِ لاڀائتي نه آهي، ميثاق جمهوريت مفاهمت جي سياست هئي، مفاهمت جي سياست سان ئي 18 هين ترميم منظور ٿي، اين ايف سي ايوارڊ منظور ٿيو. هن چيو ته سي پيڪ جي معاهدي ۽ رستي جي مڪمل پابندي ڪئي وڃي. سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته سياست ۾ برداشت وقت جي ضرورت آهي. طاهر حسين مشهدي چيو ته ملڪ ۾ موجوده صورتحال کي ڏسندي ڪو به مهذب شخص ڪنهن شهر کي بند ڪرڻ جي حمايت نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته قانون جي عملداري سان ئي جمهوريت مضبوط ٿيندي. سينيٽر الياس بلور چيو ته سياسي ڪارڪنن تي تشدد جي اسان خلاف آهيون پر اسلام آباد کي بند ڪرڻ جي ڌمڪين کي به صحيح نه ٿو چئي سگهجي ۽ پي ٽي آءِ جو ان حوالي سان فيصلو سياسي نه هو. هن چيو ته سياسي پارٽين جي قيادت پاڻ قربانيون ڏنيون آهن، مخالف ڌر پاناما پيپرز جي معاملي تي هڪ بل جمع ڪرايو آهي ان کي منظور ڪرڻ ۾ ڪو به حرج نه آهي. سينيٽر سراج الحق چيو ته مخالف ڌر ڪنهن به حڪومت جي خامين جي نشاندهي ڪري ٿي، پاناما صرف پاڪستان جو نه پر پوري دنيا جو مسئلو آهي، مخالف ڌر اڃا تائين ان معاملي تي ڪو به متفقه لائحه عمل پيش ناهي ڪيو، جنهن ملڪ ۾ عدالتون مضبوط هونديون آهن اتي جمهوريت ۽ سياست به مضبوط هوندي آهي، اسان گڏجي اهو عزم ڪريون ته آئين، قانون ۽ پارليامينٽ جي حڪمراني قائم ڪنداسين ته سمورا مسئلا حل ٿي ويندا. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪو روڊ ميپ ڏي ته جيئن اڳتي ڪرپشن جا سمورا رستا بند ٿين. سينيٽر شبلي فراز چيو ته جمهوريت قدرن جو نالو آهي جيستائين جمهوري قدر نه هوندا تيستائين ڪا به جمهوريت هلي نه سگهندي. هن چيو ته وفاق کي ڪمزور ڪرڻ بدران مضبوط ڪرڻو پوندو. سينيٽر جهانزيب جمالديني چيو ته اسلام آباد کي بند ڪرڻ جو اعلان کل جوڳو هو، هڪ صوبي جو وڏو وزير پنهنجي حامين ۽ مشينري سان لشڪر وٺي اسلام آباد تي ڪاهه ڪرڻ اچي رهيو هو، جيڪڏهن ائين بلوچستان مان ٿئي ها ته خبر نه آهي ته اسان جو ڪهڙو حشر ٿئي ها. هن چيو ته جيڪڏهن اهڙي غلطي ماضي ۾ ٿي ته اها به غلط هئي ۽ اڄ به اسان ان کي غلط چئون ٿا. سينيٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم چيو ته نائين اليون جي سانحي کانپوءِ پاڪستان کي غيرمعولي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو، هن چيو ته شهر بند ڪرڻ غيرقانوني ۽ غيرآئيني قدم آهي. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ اسان کي پارلياماني فيصلا ڪرڻ گهرجن ۽ قانوني رخن جو فيصلو عدالت ڪري. سينيٽر سعيد غني چيو ته سياسي ڪارڪنن کي پنهنجا پرامن سياسي پروگرام منعقد ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، پاناما پيپرز جو معاملو هاڻي عدالت ۾ آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪيو وڃي. سينيٽر شاهي سيد چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڀرپور انداز ۾ ٿيڻ گهرجي، دهشتگردي جي خاتمي سان ئي ملڪ ۾ امن ايندو، اسلام آباد کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪنهن به صورت ۾ مناسب نه هو، بار بار پارٽيون تبديل ڪندڙن جو گهيراءُ ٿيڻ گهرجي. سينيٽر محسن عزيز چيو ته جمهوريت ۽ آمريت ۾ وڏو فرق اهو ئي آهي ته عوام جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان انهن جي پاليسي واضح هوندي آهي. سينيٽر محسن لغاري چيو ته جمهوريت ۾ احتجاج جو حق کسي نه ٿو کسجي، پر احتجاج به پنهنجي حدن ۾ هجڻ گهرجي. هن چيو ته مخالفن جي آواز کي به برداشت ڪيو وڃي. سينيٽر ستاره اياز چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير جهڙي طرح لشڪر وٺي وفاقي گادي وارو شهر بند ڪرائڻ پئي آيو اهو سندس حلف جي به خلاف ورزي هئي. خبر نه آهي ته عمران خان ڪهڙي شيءَ جو جشن ملهايو. سينيٽر چوڌري تنوير خان چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ماضي مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي، سمورا معاملا پارليامينٽ ۾ حل ڪيا وڃن ته سٺو ٿيندو. هن چيو ته عمران خان جو وارو ڪڏهن به اچڻ وارو نه آهي، قوم باشعور آهي ڪنهن اهڙي سياستدان کي پنهنجي مٿان نه مڙهيندي جنهن جو مستقبل هن ملڪ سان واڳيل نه آهي. سينيٽر ميان عتيق چيو ته سياسي ڪارڪنن سان هر جاءِ تي هڪ جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي. سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته سياسي پارٽين کي احتجاج ڪرڻ جي آزادي هجڻ گهرجي. سينيٽر جاويد عباسي چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ 90ع واري سياست ٻيهر زندهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته موجوده حڪومت جو رڪارڊ صاف آهي، قانون ۽ آئين جي خلاف ورزي برداشت نه ٿي ڪري سگهجي. سينيٽر ڪلثوم پروين چيو ته ڪوئيٽا ۾ 60 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار شهيد ڪيا ويا آهن، بلوچستان ۾ دهشتگردي جي هڪ ٻئي پٺيان واقعن تي ڳڻتي آهي، دهشتگردي کي روڪڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ۽ سوڳوار خاندانن جي زخمن تي پاهه رکيا وڃن.