سينيٽ پاران آبادگارن کي بنا وياج جي قرضن ڏيڻ لاءِ اسڪيم شروع ڪرڻ جي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 16نوری2016ء) سينيٽ ملڪ ۾ شمسي توانائي سان هلندڙ ٽيوب ويل لڳائڻ جي لاءِ آبادگارن کي بنا وياج جي قرضن جي فراهمي جي لاءِ اسڪيم شروع ڪرڻ جي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتي.

سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر چوڌري تنوير خان قرارداد پيش ڪئي ته ”هي ايوان سفارش ڪري ٿو ته حڪومت ملڪ ۾ شمسي توانائي سان هلندڙ ٽيوب ويل لڳائڻ جي لاءِ آبادگارن کي بنا وياج قرضن جي فراهمي جي لاءِ اسڪيم شروع ڪري“ حڪومت قرارداد جي مخالفت نه ڪئي، چيئرمين ايوان جي راءِ حاصل ڪئي، ايوان قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:51

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون