وفاقي حڪومت ٽيڪس قانونن ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ ايف بي آر جي استثنيٰ جاري ڪرڻ جا اختيار ختم ڪري ڇڏيا آهن: زاهد حامد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو آهي ته وفاقي حڪومت ٽيڪس قانونن ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ ايف بي آر جي استثنيٰ جاري ڪرڻ جا اختيار ختم ڪري ڇڏيا آهن، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر محسن لغاري جي سوال جي جواب ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته وفاقي حڪومت ٽيڪس قانونن ۾ شفافيت آڻڻ جي پاليسي تي عمل درآمد جي لاءِ

فنانس ايڪٽ 2015ع جي وسيلي ايف بي آر جي ڇوٽ جاري ڪرڻ جا اختيار ختم ڪري ڇڏيا آهن، صرف وفاقي حڪومت اقتصادي رابطا ڪميٽي جي منظوري سان قومي سلامتي، قدرتي آفتن، فوڊ سيڪيورٽي، پوئتي پيل علائقن جي ترقي ۽ ٻه طرفي ۽ ڊگهي معاهدن جي صورت ۾ ڇوٽ ڏئي سگهي ٿي، هن چيو ته رعايتي ايس آر اوز کي مرحليوار ختم ڪيو ويندو، پهرين ٻن مرحلن مان ٻه مرحيلا ختم ٿي چڪا آهن. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو