يوٽيلٽي اسٽورن تي شيون مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ سستيون فراهم ڪيون وينديون آهن: شيخ آفتاب احمد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد ايوان کي ٻڌايو ته يوٽيلٽي اسٽورن تي شيون مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ سستيون فراهم ڪيون وينديون آهن ۽ دالين ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ رمضان پيڪيج تحت ڏيڻ واري سبسڊي جاري رهندي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر ڪلثوم پروين، عثمان ڪاڪڙ ۽ اعظم سواتي جي سوالن جي جواب ۾ وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد

ايوان کي ٻڌايو ته يوٽيلٽي اسٽورن تي شيون مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ سستيون فراهم ڪيون وينديون آهن، دالين ۽ ٻين شين جي قيمتن تي رمضان پيڪيج تحت ڏني ويندڙ سبسڊي وزيراعظم جي هدايت تي جاري رهندي، هن چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ايم ڊي کي به تبديل ڪيو ويو آهي، يوٽيليٽي اسٽور جي نجڪاري جو في الحال ڪو به منصوبو نه آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:37

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون