ڪوئيٽا جي علائقي سرياب روڊ تي ڌماڪو، ٽن ٻارڙن سميت 8ڄڻا زخمي

ڪوئيٽا (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) سرياب روڊ تي رستي جي ڪناري تي لڳل بارودي مواد جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽن ٻارڙن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا اطلاعن مطابق ڪوئيٽا جي علائقي سرياب روڊ تي ڌماڪي ۾ 8 ڄڻا شديد زخمي ٿيا جن ۾ 3 ٻارڙا به شامل آهن پوليس اختيارين ٻڌايو ته رستي جي ڪناري تي لڳل بارودي مواد جي ڌماڪي ۾ قبائلي اڳواڻن جي قافلي تي نشانو بڻايو ويو هو جڏهن هو ان کان محفوظ رهيو ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽن ٻارڙن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿيا. ايس ايس پي آپريشن سيد نديم شاهه ميڊيا کي ٻڌايو ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ مطابق ڌماڪيدار مواد رستي جي ڪناري سيمنڊ جي پائپ ۾ رکيو ويو هو ۽ اڍائي کان ٽي ڪلو بارودي مواد جو استعمال ريموٽ ڪنٽرول ڊوائيز جي ذريعي ڪيو ويو هو.

ڌماڪي ۾ هڪ رڪشا ڊرائيور به زخمي ٿيو آهي ڌماڪو ايترو ته شديد هو جو ويجهن گهرن ۽ دڪانن جا شيشا به ٽٽي پيا ايس ايس پي آپريشن مطابق امدادي ٽيمن جي مدد سان زخمين کي اسپتال پچايو ويو. واردات واري جاءِ ويجهو هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪري بلوچستان ثناءُالله زهري سرياب ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت علائقي جو سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. وزيراعليٰ ڪندي واسطيدار اختيارين کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو