ملتان، قنديل بلوچ ڪيس، پوليس مقتوله جي ٻن ڀاڄائين کيگرفتار ڪري ورتو

ملتان (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) ماڊل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ پوليس ان جي ٻن ڀاڄائين کي گرفتار ڪندي قنديل جو موبائيل فون به هٿ ڪيو آهي قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ پوليس جاچ جو دائرو وڌائيندي مقتوله جي ٻن ڀاڄائين سهرش بطول ۽ اقبال بي بي کي پڇا ڳاڇا لاءِ حراست ۾ ورتو آهي.

پوليس قنديل بلوچ جي واردات واري جاءِ تان گم ٿيندڙ موبائيل فون به ڊيرا غازي خان ۾ شاهه فضل الدين جي علائقي ۾ ان جي اباڻي گهر مان هٿ ڪئي آهي پوليس ٻڌايو ته قنديل جي ڀاءُ ڏوهاري وسيم واردات واري جاءِ تان موبائيل فون کنيو هو ۽ پنهنجي اباڻي گهر ۾ لڪايو هو. جڏهن ته هن وقت تائين ان ڪيس ۾ ست ڄڻا جاچ هيٺ آهن.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو