وفاقي حڪومت سنڌ جي ماڻهن جي سهولت لاءِ 50 ارب رپين جا ٽي وڏا منصوبا شروع ڪيا آهن: گورنر سنڌ محمد زبير

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 23اپریل 2018ء) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ماڻهن جي سهولت لاءِ 50 ارب رپين جا ٽي وڏا منصوبا شروع ڪيا آهن. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڪراچي جي رهواسين جي سهولت لاءِ لياري ايڪسپريس وي سميت گرين لائين جهڙي جديد سفري سهولت جو منصوبو پڻ شروع ڪيو آهي. ان کانسواءِ سنڌ صوبي جي عوام جي سهولت لاءِ وفاقي حڪومت ٿر جي ڪوئلي جا ٻه منصوبا جن مان 1320 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي اهي به شروع ڪيا ته جيئن عوام کي لوڊشيڊنگ کان بچي سگهجي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي موثر قدمن جي ڪري 1700 ڪلوميٽر موٽروي ۽ هاءِ ويز پڻ تعمير ڪيا ويا آهن.

سنڌ جي گورنر چيو ته ڪراچي جو امن پڻ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي قيادت جي موثر پاليسين ۽ ٺوس قدمن جي ڪري بحال ٿيو آهي. هن ڪراچي جهڙي وڏي شهر جي امن جي بحالي جي لاءِ رينجرز سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته هتي امن امان جي بهتر صورتحال جي لاءِ کنيل وفاقي حڪومت جي قدمن جي صوبائي حڪومت پڻ حمايت ڪئي. هن چيو ته هتي امن جي بحالي کانپوءِ نوجوانن کي روزگار جا تمام گهڻا موقعا مليا آهن جڏهن ته سيڙپڪار پڻ هتي گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن۔

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون