ڪراچي ۾ بجلي جي بحران بابت وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

ڪراچي (پاکستان نیوزپوائنٹ 23اپریل 2018ء) ڪراچي ۾ بجلي جي بحران کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪالهه سومر ڏينهن هتي توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي جيڪو گورنر هائوس ۾ ٿيو.

اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، بجلي واري وفاقي وزير اويس لغاري، بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي، وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ملڪ ۾ بجلي جي موجوده پيداواري صورتحال جو جائزو ورتو ويو۔

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون