پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) رڳو موجوده ئي نه پر ايندڙ نسلن جي لاءِ پڻ شاندار ثمر رکندڙ منصوبو آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

ڪراچي (پاکستان نیوزپوائنٹ 23اپریل 2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) رڳو موجوده ئي نه پر ايندڙ نسلن جي لاءِ پڻ شاندار ثمر رکندڙ منصوبو آهي جنهن سان پاڪستان سميت وسيع تر خطو فائدو کڻندو. هن اها ڳالهه ڪالهه سومر ڏينهن هتي سي پيڪ سمٽ کي خطاب ڪندي چئي جنهن جو اهتمام ڊان ميڊيا گروپ منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت جي حصيداري سان ڪيو. وزيراعظم چيو ته 3 سالن کان به گهٽ عرصي ۾ اهو منصوبو هڪ حقيقت بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ان منصوبي پاڪستان کي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته سي پيڪ جا ثمر رڳو پاڪستان تائين محدود نه آهن پر افغانستان ۽ اولهه چين سميت ٻيا ملڪ به هن منصوبي مان فائدو کڻندا. هن چيو ته حقيقت ۾ سي پيڪ خطي ۾ سمورن ملڪن جي لاءِ هڪ موقعو آهي ۽ اهو بنيادي ڍانچي ۽ توانائي جي شعبن تي ڌيان ڏي ٿو. شاهد خاقان عباسي چيو ته سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ بجلي جون ٽرانسميشن لائينون وڇايون پيون وڃن ۽ خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻ سان چين ۽ سڄي دنيا سان ڪاروبار جي موقعن کي فروغ ملندو ۽ واپار ۾ نمايان اضافو ٿيندو.

هن چيو ته سي پيڪ تحت منصوبن تي اقتصادي موزونيت ۽ ماحولياتي تحفظ جي ٻن بنيادي اصولن کي نظر ۾ رکندي عملدرآمد ڪيو ويو. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان کي ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جهڙن مضبوط شعبن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪيو ۽ ان سان روزگا جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ غربت ۾ گهٽتائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ سي پيڪ منصوبو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هڪ مضبوط دوستي جو مظهر آهي. هن چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو چيني صدر شي جن پنگ جو ويزن هو ۽ هو ان منصوبي ذريعي چين کي وچ اوڀر، وچ ايشيا سميت ٻين خطن سان ڳنڍڻ جو خواهشمند آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻ پاڪستان ۽ چين سميت ٻين ملڪن جي ڪاروباري ماڻهن کي موقعا فراهم ڪندا ان سان قومي معيشت کي سگهه ملندي. ان کان اڳ وزيراعظم افغانستان ۾ دهشتگردي جي تازي واقعي جي سخت مذمت ڪئي جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون