سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ وڪرو ڪرڻ جي الزامن جي جاچ لاءِ هڪ آزاد ڪميشن جوڙيو وڃي: شهريار آفريدي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13مارچ2018ء) پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر شهر يار آفريدي چيو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ وڪرو ڪرڻ جي الزامن جي جاچ لاءِ هڪ آزاد ڪميشن جوڙيو وڃي ۽ الزام درست ثابت ٿيڻ تي سخت سزا ڏني وڃي.

ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي شهريار آفريدي چيو ته فيصلا اسلام آباد ۾ ٿيندا هئا، هتان کان هڪ قرارداد منظور ٿئي ته جنهن سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ وڪرو ڪيا آهن انهن کي سخت سزا ڏني وڃي، اهڙو قانون جوڙيو وڃي ته پاڪستان جي عوام جي ضمير جي سوداگرن کي سزا ڏني وڃي۔

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون