ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ناهي ڪيو: شيخ صلاح الدين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06ستمبر 2016ء) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبر شيخ صلاح الدين چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ناهي ڪيو، روزانو بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ان جو نوٽيس ورتو وڃي.

ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي شيخ صلاح الدين چيو ته ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ناهي ڪيو، جڏهن ته روزانو بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اوور بلنگ ذريعي عوام تي بار وڌو پيو وڃي، ان جو نوٽيس ورتو وڃي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون