زينب سان پيش آيل سانحو انتهائي افسوسناڪ آهي: طلال چوڌري

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ12جنوری2018ء) گهرو مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته زينب سان پيش آيل سانحو انتهائي افسوسناڪ آهي، اهڙن واقعن سميت باهيون ڏيڻ، گهيراءُ ڪرڻ، امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي لاءِ اڪسائڻ جي طرز عمل جي به روڪٿام ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي گهرو مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته اهڙن واقعن جي روڪٿام جي لاءِ پارلياماني ڪميٽي جي تجويز سان اتفاق آهي، قصور جي واقعي تي جن ماڻهن تي شڪ آهي انهن کي گرفتار ڪري انهن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرايا پيا وڃن، اميد آهي ته جلد قاتل تائين پهچي وينداسين، قصور ۾ ڊي سي آفيس، اسپتال، ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي ملڪيتن کي ساڙيو ويو، اهڙن واقعن کانپوءِ سياسي مخالفن کي نشانو بڻائڻ جي روڪٿام ٿيڻ گهرجي، ڪنهن جنازي نماز پڙهائڻ ۽ ڪنهن قل خواني جي بهاني ماڻهن کي ڀڙڪايو، ان تي ٽي ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن، باهيون ڏيندڙ ۽ گهيراءُ ڪندڙ 37 ماڻهو گرفتار آهن ۽ وڌيڪ درجن کن

ماڻهن جي نشاندهي ٿي آهي، اڄ اتي مڪمل امن امان آهي، اسان کي اهڙن معاملن ۽ واقعن تي مخالفن کي نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، اسان جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي سوشل ميڊيل تي نمبر ڏئي ماڻهن کي ڀڙڪايو ويو، اسان کي اهڙن معاملن تي بالغ نظري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، اسان کي قانون ۽ سڌارن جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، پنجاب پوليس ۾ پنهنجي جانين جي قرباني ڏيندڙ ايماندار ماڻهو موجود آهن، ميرٽ تي پنجاب پوليس ۾ ڀرتي ڪئي وئي، انهن جون پگهارون وڌايون ويون، ٻين صوبن ان جي تقليد ڪئي، پنجاب پوليس چئي پوري پاڙي کي ٽارگيٽ نه ڪيو وڃي، قصور ۾ درجنين پوليس اهلڪار ۽ آفيسر زخمي ٿيا آهن، پنجاب پوليس ڪلاڪ ۾ واقعي جي دار تائين پهچي ويندي، طلال چوڌري چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ صوبن کي انهن جون ذميداريون ياد ڏيارڻ جي به ضرورت آهي، صوبا ريفارمز، ماڻهن کي انصاف ڏيڻ جون پنهنجون ذميداريون پوريون ڪن، وفاق کان اختيار وٺڻ ڪافي ناهي، اهڙن واقعن ۾ سياسي پارٽين جي رول جي به ڳالهه ٿيڻ گهرجي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون