قبائلي علائقن کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪرڻ جو فيصلو جلد ڪيو وڃي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ12جنوری2018ء) مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه مطالبو ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو دائري ڪار قبائلي علائقن تائين توسيع ڏيڻ کانپوءِ قبائلي علائقن کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ ضم ڪرڻ جو فيصلو جلد ڪيو وڃي، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه قبائلي علائقن تائين سپريم ڪورٽ ۽

پشاور هاءِ ڪورٽ جي دائري ڪار کي توسيع ڏيڻ جو بل انتهائي خوش آئنده ڳالهه آهي، سموريون پارٽيون مبارڪباد جون مستحق آهن، هي پهريون قدم آهي، اسان کي اميد آهي ته قبائلي علائقن کي ڪي پي ڪي صوبي ۾ ضم ڪرڻ به اسان جو مطالبو آهي، جيڪڏهن هي ٿي ويو ته اسان جو تاريخي ڪارنامو هوندو، هن چيو ته قبائلي علائقن جي عوام جي قربانين کي تسليم ڪندي اسان کي انهن جو هي حق ڏيڻو پوندو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون