قبائلي علائقن کي ڪي پي ڪي صوبي ۾ ضم ڪرڻ کي به قبائلي عوام جي سفارشن موجب يقيني بڻايو ويندو: عبدالقادر بلوچ

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ12جنوری2018ء) وفاقي وزير جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته قبائلي علائقن کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ ضم ڪرڻ کي به قبائلي علائقن جي عوام جي سفارشن موجب يقيني بڻايو ويندو.

جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ چيو ته بل جي حوالي سان مخالف ڌر اسان جو ساٿ ڏنو جنهن تي اسان انهن جا ٿورائتا آهيون، هن چيو ته هر پاڪستاني جو حق آهي ته ان جي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ تائين رسائي هجڻ گهرجي، ايف سي آر سبب قبائلي علائقن جي عوام جي حق تلفي ختم ڪرڻ جو اعزاز مسلم ليگ (ن) کي حاصل ٿيو آهي، هن چيو ته فاٽا سڌارن ۽ سفارشن کي نظر ۾ رکندي صدر کان قبائلي علائقن کي ضم ڪرڻ جي به درخواست ڪئي ويندي، فاٽا جي چونڊيل نمائندن کي اسان اختيار ڏنو آهي ته هو ڪي پي ڪي جي گورنر سان گڏجي فاٽا سڌارن تي ڪم ڪري رهيا آهن، بل جي منظوري تي پوري ايوان کي مبارڪباد ڏيان ٿون.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون