سينيٽ ۾ ڪوئيٽا سانحي جي شهيدن، سينيٽر ڊاڪٽر جهانزيب جمالديني جي پٽ، سينيٽر نثار احمد خان جي والده، سينيٽر ساجد حسين طوري جي والد جي لاڏاڻي تي فاتحه خواني

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) سينيٽ ۾ ڪوئيٽا سانحي جي شهيدن، سينيٽر ڊاڪٽر جهانزيب جمالديني جي پٽ، سينيٽر نثار احمد خان جي والده، سينيٽر ساجد حسين طوري جي والد جي لاڏاڻي تي فاتحه خواني ڪرائي وئي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران وقتي چيئرمين چيو ته 8 آگسٽ تي ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪي ۾ 60 کان وڌيڪ وڪيلن سميت ٻيا ماڻهو شهيد ٿي ويا. ڊاڪٽر جهانزيب جمالديني جو جوان پٽ به ان حادثي ۾ مارجي ويو هو، ان سانحي سڄي ملڪ کي ڏکائتو بڻائي ڇڏيو هو.

پڙهيل لکيل ۽ سينيئر وڪيل ان جو شڪار بڻيا، اهڙي طرح مردان ڪورٽ ۾ پڻ بم ڌماڪي ۾ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون، اهو سڄي قوم جي لاءِ هڪ اهم ۽ حساس مسئلو آهي، سينيٽر نثار احمد جي والده، سينيٽر سجاد حسين طوري جو والد لاڏاڻو ڪري ويا آهن انهن جي چوڻ تي سينيٽر عطاءُ الرحمان فاتحه خواني ڪرائي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون