سينيٽ جي 152 هين اجلاس جي لاءِ پينل آف پرزائيڊنگ آفيسرن جي نالن جو اعلان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) سينيٽ جي 152 هين اجلاس جي لاءِ پينل آف پرزائيڊنگ آفيسرن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر احمد حسن، بيريسٽر جاويد عباسي ۽ سينيٽر ستاره اياز کي سينيٽ جي 152 هين اجلاس جي لاءِ پينل آف پرزائيڊنگ آفيسرز مقرر ڪيو ويو آهي.

سومر ڏينهن سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيڻ تي وقتي چيئرمين عبدالغفور حيدري پينل آف پرزائيڊنگ آفيسرز جي نالن جو اعلان ڪيو جيڪي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي غيرموجودگي ۾ اجلاس جي صدارت ڪندا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو