پي آءِ اي جي ڪارڪردگي جائزي ۽ ايوي ايشن پاليسي تي نظرثاني جي لاءِ قائم ڪيل سينيٽ جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) پي آءِ اي جي ڪارڪردگي جائزي ۽ ايوي ايشن پاليسي تي نظرثاني جي لاءِ قائم ڪيل سينيٽ جي خصوصي ڪميٽي هدايت ڪئي آهي ته اڏامن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ عملي جي عالمي معيار موجب تربيت، روين ۾ مثبت تبديلي ۽ اهڙيون مسافر دوست ايئرلائينز ٺاهيو وڃي ۽ ايئرپورٽن تي بهتر سهولتون ڏيڻ کي يقيني بڻايو وڃي. ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ چيف ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي او)، نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين کي به طلب ڪري ورتو آهي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي هلندڙ سال بارسلونا، سڌي سنئين پيرس اڏامن جي ٻيهر شروعات، نيويارڪ جي لاءِ اسلام آباد کان وڌيڪ هڪ اڏام، بئنڪاڪ جي لاءِ ڪراچي کان هفتي ۾ 3 اڏامون شروع ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر مشاهد الله خان جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جا ميمبر فرحت الله بابر، چوڌري تنوير خان، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم، سيد مظفر حسين شاهه، محمد عثمان ڪاڪڙ، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار، تاج محمد آفريدي، سعيد غني، ڪرنل (ر) سيد طاهر حسين مشهدي ۽ نعمان وزير خٽڪ، ايوي ايشن ڊويزن وارو سيڪريٽري عرفان الاهي، پي آءِ اي جي چيئرمين عظيم سهگل کانسواءِ پي آءِ اي جي ٻين شعبن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي وٽ مجموعي طور تي 38 ايئرڪرافٽس آهن، جن جي ڪاميابي سان استعمال جي مجموعي شرح 11 سال آهي، جن مان 11 ايئرڪرافٽس اي 320، پنج ايئرڪرافٽس اي 310، ڇهه جهاز اي ٽي آر 42، 11 ايئرڪرافٽس بوئنگ 777، پنج ايئرڪرافٽس اي ٽي آر 72 شامل آهن.

ايئرڪرافٽس جي انگ موجب 376 ملازم هڪ ايئرڪرافٽ جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏين ٿا. عالمي نيٽ ورڪ جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته پي آءِ اي جي ميلان، پيرس، اوسلو، اوپن هيگن، ٽورنٽو، برمنگهم، مانچسٽر، لنڊن، بريڊ فورڊ، بيلجيم، ڪوالالمپور، ممبئي، دهلي، ڍاڪا، دمام، جده، رياض، مدينه، مڪه، ڪابل، دبئي، ابو ظهبي، مسقط، شارجه، ڪويت، دوها، بحرين جي لاءِ اڏامون هلي رهيون آهن. مارڪيٽ شيئر جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال جنوري کان مئي تائين 24 سيڪڙو مارڪيٽ شيئرز پي آءِ اي حاصل ڪيا، گذريل سال به پي آءِ اي جا ايترائي مارڪيٽ شيئرز هئا، جڏهن ته پي آءِ اي اندرون ملڪ 65 سيڪڙو مارڪيٽ شيئرز حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تائين اهي 67 سيڪڙو تائين پهچي ويندا. سالياني آمدني جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته هن سال عالمي سطح تي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ عالمي ايئرلائينن پاران رعايتي پئڪيج متعارف ڪرائڻ جي بنياد تي پي آءِ اي جو ساليانو هدف 21 سيڪڙو گهٽ رهيو، اهڙي طرح مجموعي خسارو جيڪو 43198 رپيا ملين هو اهو وڌي 54774 ملين ٿي ويو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون