پاڪستان آمريڪا جي اعلان جي سختي سان مذمت ڪري ٿو: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 07دسمبر2017ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا طرفان يروشلم کي اسرائيل جي گادي جو هنڌ تسليم ڪرڻ جي سختي سان مذمت ڪري ٿو، ان سان خطي جي امن ۽ استحڪام تي منفي اثر پوندا. صدر اها ڳالهه خميس ڏينهن قومي ووٽر ڏينهن جي حوالي سان خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي چئي، ان موقعي تي گهرو وفاقي وزير احسن اقبال، انساني حقن وارو مملڪتي وزير عثمان ابراهيم، پارليامينٽ جا ميمبر ۽ سفارتڪارن جو وڏو تعداد موجود هو.

صدر چيو ته اسلامي ڪانفرنس تنظيم جو سربراهه اجلاس يروشلم کي اسرائيل جو گادي جو هنڌ بڻائڻ تي سخت موقف اختيار ڪندو. هن ترڪ صدر رجب طيب اردوان طرفان اسلامي ڪانفرنس تنظيم جو سربراهه اجلاس گهرائڻ جي تجويز جي حمايت ڪندي چيو ته اميد آهي ته مسلمان امت ان واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي. صدر ممنون حسين چيو ته يروشلم کي اسرائيل جو گادي جو هنڌ بڻائڻ جي هر عالمي فورم تي مذمت ڪئي ويندي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو