سينيٽر سحر ڪامران پاران سينيٽ ۾ قرارداد جمع

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 07دسمبر2017ء) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر سحر ڪامران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي آمريڪي سفارتخاني کي والاريل بيت المقدس منتقل ڪرڻ جي اعلان جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ان سان فلسطين جي عوام جي مستقبل کي شديد خطرا درپيش ٿي ويا آهن، ان فيصلي جا اوچ اوڀر جي امن، استحڪام ۽ سلامتي جي ڏور رس اثر پوندا ۽ پوري مسلم دنيا ۾ بي چيني پکڙجي ويندي.

ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايل قرارداد ۾ هن پاڪستاني حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته مسلمان امت جي جذبن کان عالمي برادري کي آگاهه ڪيو وڃي ۽ سمورن عالمي فورمن سميت گڏيل قومن ۾ ان جي خلاف آواز بلند ڪيو وڃي، سينيٽر سحر ڪامران جي هي قرارداد سينيٽ جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو