وزيراعظم پاران ڪيپيٽل ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي منظوري

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 06دسمبر2017ء)  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي اهم رهائشي علائقن جي وچ مان هلندڙ ميٽرو بس سروس جي منصوبابندي، آپريشن ۽ مينيٽيننس لاءِ ڪيپيٽل ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي اصولي طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

هي فيصلو اربع ڏينهن هتي وزيراعظم آفيس ۾ اسلام آباد ميٽرو بس پراجيڪٽ جي حوالي سان منعقد اجلاس ۾ ڪيو ويو جيڪو نيو اسلام آباد ايئرپورٽ جي تعمير کانپوءِ گڏيل شهرن جي رهواسين جي سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ شروع ڪيو پيو وڃي، اجلاس ۾ مواصلات وارو وزير محمد جنيد انوار چوڌري، وزيراعظم جو سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئرمين انصر شيخ، پنجاب ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جو ايم ڊي سبطين فضل حليم، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جو چيئرمين شاهد اشرف تارڙ، ناڻي وارو سيڪريٽري شاهد محمود ۽ ٻيا سينئر عملدار به موجود هئا. وزيراعظم ان مقصد لاءِ پنجاب ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مهارت کي استعمال ۾ آڻيندي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ قانوني اداره جي قيام لاءِ ضروري قانونسازي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم چيئرمين اين ايڇ اي کي نيو اسلام آباد ايئرپورٽ لنڪ روڊ ۽ ايئرپورٽ سان لاڳاپيل بنيادي ڍانچي کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو