اسلام آباد(پاکستان نیوز پوائنٹ 23اگست 2016ء) سينيٽ جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس اڄ اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس جي ڪميٽي روم ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو ڪنوينر سينيٽر سيد مظفر حسين شاهه ڪندو.
اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه صوبي ۾ 24 ڊيمن جي تعمير جي حوالي سان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پاران موڪليل سفارشن تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته سفارشن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.